19. جيڪڏھن اسان جي مسيح ۾ اميد رڳو ھن جھان لاءِ آھي تہ پوءِ اسين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ رحم لائق آھيون.
20. پر سچپچ مسيح مئلن مان جي اٿيو آھي ۽ سڀني مري ويلن جي پھرين مراد آھي.
21. جھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي وسيلي موت آيو، تھڙيءَ طرح ماڻھوءَ جي ئي وسيلي مُڙدن جو جِي اٿڻ بہ آيو آھي.
22. جيئن آدم جا ھئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا ھوندا سي سڀ جياريا ويندا.