33. ڇالاءِجو خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن امان جو خدا آھي.
34. ايمان وارن جي سڀني ڪليسيائن موجب، ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ عورتن کي چپ رھڻ گھرجي. ھنن کي ڳالھائڻ نہ کپي بلڪ کين تابعدار رھڻ گھرجي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آھي.
35. جيڪڏھن اھي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنھنجي پنھنجي مڙس کان پڇي معلوم ڪن. باقي ڪليسيا جي ميڙ ۾ ڳالھائڻ عورت لاءِ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.