19. اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.
20. سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي.
21. ڇالاءِجو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.