1.ٿسلونيڪين 5:24-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. جنھن اوھان کي سڏيو آھي، سو سچو آھي ۽ ھو ائين ئي ڪندو.

25. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.

26. سڀني ايمان وارن کي پيار سان ملي سلام ڏجو،

27. ۽ آءٌ خداوند کي حاضرناظر ڄاڻي اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ھي خط کين پڙھي ٻڌائجو.

28. شل اوھان تي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ھجي.

1.ٿسلونيڪين 5