3. جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.
4. جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي.
5. پر جيڪو ھن جي ڪلام تي عمل ڪري ٿو، تہ بيشڪ انھيءَ شخص ۾ خدا جي محبت ڪامل ٿي آھي. انھيءَ مان اسان کي يقين آھي تہ اسين خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھيون.