1.تيمٿيس 4:14-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

15. انھن ڳالھين کي ڌيان ۾ رک ۽ پاڻ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏ، تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي تنھنجي ترقي ظاھر ٿئي.

16. پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.

1.تيمٿيس 4