1. اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري.
2. تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھماننواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.
3. ھو شرابي نہ ھجي، نہ ئي مار ڪٽ ڪندڙ، بلڪ حليم ھجي. جھيڙو ڪندڙ يا پيسي جو لالچي نہ ھجي.
4. ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي.